رسول بخش پليجو
رسول بخش پليجو عوامي تحريڪ جو باني ۽ چيئرمين، مارڪسي اڳواڻ ۽ ليکڪ هو. پليجو 21 فيبروري 1930ع تي جنگشاهي،ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. پليجو کاٻي ڌر جي اڳواڻ هجڻ سان گڏ، انساني حقن جي باري ۾ سنڌ ۾ چوٽيءِ جو وڪيل پڻ هو.
شروعاتي زندگي
رسول بخش پليجو، ڳوٺ منگر خان پليجو، جنگشاهي، ٺٽي ۾ 21 فيبروري 1930ع تي پيدا ٿيو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ مان ورتي ۽ وڌيڪ تعليم سنڌ مدرسة الاسلام مان حاصل ڪيائين. هن قانون جي سند، سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي.
سياسي زندگي
سياسي ڪارڪن ۽ ليکڪ سان گڏ، پليجو سپريم ڪورٽ جو وڪيل پڻ رهيو. ايم آر ڊي جي دور ۾ هي 11 سالن جي لاءِ سياسي مخالفت سبب جيل ۾ رهيو. 1980ع ڌاري هن جو گھڻو عرصو ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد هيٺ گذريو. 1981ع ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل هن کي ضمير جو قيدي پڻ قرار ڏنو.
پليجو سنڌ ۾ جاگيرداري نظام جو سخت مخالف هو، هي عوامي نيشنل پارٽي، سنڌ متحده محاذ، سنڌ قومي اتحاد،بزم صوفيا سنڌ، پونم، سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هو، هي عوامي تحريڪ، سنڌي هاري ڪميٽي،سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، پاڪستان جمهوري اتحاد جو باني اڳواڻ هو.
رسول بخش پليجو سنڌ جي سياست جو متحرڪ ڪردار رهيو آهي. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ هن سنڌي اديبن ۽سنڌي ادبي سنگت سان گڏ، سياسي ميدان ۾ جي. ايم. سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان گڏجي سرگرميءَ سان حصو ورتو. جڏهن 1968ع ۾ جي. ايم. سيد، ايوبي مارشل لا دوران هڪ وڏي عرصي جي نظربنديءَ کان پوءِ آزاد ٿي، سياست کان ڪناره ڪشيءَ جو اعلان ڪري، ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ قائم ڪئي ته جي. ايم. سيد اُن تنظيم جو صدر ۽ رسول بخش پليجو سيڪريٽري بڻيو.
ليکڪ
سنڌي ادب جي ميدان ۾ رسول بخش پليجي جو شمار صف اول جي ليکڪن ۽ نقادن ۾ ٿئي ٿو. پليجو سنڌ ۾ شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جو پڻ وڏو پارکو ليکو ويندو هو. ورهاڱي بعد سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ادبي لهر اُڀري، جنهن جو ادبي حوالي سان مهندار شيخ اياز هو، جنهن جي خلاف وڏي واويلا ڪئي وئي. ترقي پسند ادب ۽ خاص ڪري شيخ اياز تي جڏهن شاعرن ادبي ۽ فڪري حملا ڪيا ۽ اياز جي شاعريءَ کي الحاد ۽ ڪفر جي شاعري قرار ڏنو ته ان دور ۾ ابن حيات پنهور ۽ مولانا گراميءَ سان گڏ رسول بخش پليجي ان بيجا تنقيد جا بکيا اڍيڙي، فڪري گهرائيءَ سان ڪتاب ’انڌا اونڌا ويڄ‘ ذريعي کين جواب ڏنو. ساڳئي رجعت پسند ٽولي سَٺ واري ڏهاڪي ۾ سائين جي. ايم. سيد جي ڪتابن ’پيغام لطيف‘ ۽ ’جيئن ڏٺو آ مون‘ تي به سخت تنقيدون ڪيون ۽ اڪيچار پمفليٽ ۽ مضمون لکيا ته پليجي ان گروهه خلاف جاندار مضمون لکيا. سندس مشهور تصنيفن ۾:
انڌا اونڌا ويڄ.
صبـح ٿيـنـدو.
ڌراڙن جـا ڌڪـ.
جن جهوناڳڙهه جلايو.
سَندي ذات هنجن.
پسي ڳاڙها ڳل.
ويهڻ مون نه وڙاءُ.
اوهان جي پڄاڻان.
ڪوٽ لکپت جو قيدي.
وڳ ڪيئن وسرياءِ.
سياسي ادب (جلد I، II، III).
هرڻ هٺيلا بيٺا سوچين.
ذاتي زندگي
پليجي صاحب پنج شاديون ڪيون، جن مان سندس پهرين گهر واري پليجي خاندان مان آهي، جڏهن ته ٻي گهر واري ڪشميرڻ آهي، سندس ٽين گهر واري نامياري فنڪاره زرينه بلوچ هئي، جڏهن ته سندس چوٿين شادي، نامياري ڪهاڻيڪار نسيم ٿيٻو ۽ پنجين زاهده شيخ سان ٿي. رسول بخش پليجو 7 جون 2018ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو.
وڪيپيڊيا سنڌي تان اخذ ڪيل.
Comments
Post a Comment